Online News Room
News From Sindh

January 25, 2021. 13:33:08

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو اشارو وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ڪتن ڏانهن هوندو: سعيد غني

ڪراچي (نمائندو آن لائين نيوز روم) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ خاص طور شرڪت ڪئي ۽ صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو آهي ته پ پ چيئرمين ٿرپارڪر ۾ برسات کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ بحالي واري ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاق سنڌ کي پنهنجو جائز حصو نه پيو ڏئي ۽ هاڻي تي پي ٽي آءِ جو اتحادي پير پاڳارو به ان بابت ڳالهائي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم به چيو آهي ته 162 ارب روپيا نه ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ارسا بابت سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي ڪا به اهميت نه ڏني وئي آهي، وفاقي ڪابينا ۾ جڏهن اها ايجنڊا آئي ته هڪ به سنڌي ميمبر اعتراض نه ڪيو. سعيد غني چيو ته احتساب ضرورو ڪيو وڃي پر قانون موجب ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ سندس اتحادين، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ فرق رکيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ اهڙو مثال نٿو ملي ته ڪيس ڪنهن هڪ صوبي ۾ هجي ۽ وري ٽرائيل ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هلايو وڃي، اسان رڳو انصاف ۽ برابري گهري رهيا آهن، آصف زرداري لاءِ ڪو به رليف نه پيا گهرون. سعيد غني چيو ته وزيراعظم جي گذريل ڏينهن وارين ڳالهين مان لڳي ٿو ته سندس ذهني حالت ٺيڪ ناهي، عمران خان کي اها ڳالهه زيب نٿي ڏئي ته هو رياست مدينه جي ڳالهه ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو اشارو وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ڪتن ڏانهن هوندو، ڇاڪاڻ ته بني گالا ۾ به ڪتا موجود آهن.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي