Online News Room
News From Sindh

October 24, 2021. 07:06:48

پبلڪ سروس ڪميشن جا سمورا نه رڳو 2 امتحان معطل ڪيا ويا، نوان امتحان ڪهڙي رول تحت ٿيندا، تفصيل اچي ويا

حيدرآباد (آن لائين نيوز روم) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري 1989 واري رول جي ابتڙ قرار ڏيندي کين فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سيڪريٽري عدالت جي اپريل واري فيصلي تحت معطل رهندو، ان کانسواءِ عدالت رڳو 2018ع ۾ ڊاڪٽرن جي 1783 جي پوسٽن تي ٿيل امتحان ڪالعدم قرار ڏنو آهي، جڏهن ته 2018ع ۾ گڏيل چٽا ڀيٽي واري امتحان کي به معطل ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت محفوظ ڪيل پنهنجو 30 صفحتن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾  پبلڪ سروس ڪميشن طرفا تازو ڪيل امتحانن کي به معطل ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي