Online News Room
News From Sindh

October 24, 2021. 06:56:44

مٺي: سنڌ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن طرفان ڳوٺاڻن ۾ مفت راشن تقسيم، بيروزگارن کي فنڊز به ڏنا ويا

مٺي ( ڊ ر) ٿر جي ڪول ايريا واري تعلقي  اسلام ڪوٽ ۾ سنڌ ڊولپمينٽ  آرگنائيزيشن پاران جگسا اداري جي سهڪار سان يوسي گريانڇو جي مختلف  ڳوٺن  جي250  غريب خاندانن  کي هڪ مهيني جو راشن   بيگ    ڳوٺ گوڙاڻو  ۾   250 ورهايا ويا  ۽ 50 بيروز گار نوجوان  عورتن ۾ سلائي مشينون  15 بيروزگار نوجوانن  ۾ پنهنجي سهاري ڪاروبار ڪرڻ جي مد ۾ 10 هزار في نوجوانن جي  حساب  ڪيش رقم ڏياري ويئي   اسلام ڪوٽ تعلقي سميت  ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾   هن مهيني    دوران  30 سولر ثمر پمپس جو ڪم فائينل ڪيو ويو آھي انهي کان سواءَ 50 نلڪا  به لگائي انهن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آھي  ورهاست جي تقريب ڳوٺَ  گوڙاڻو ۾ ٿي جتي  ايس ڊي او جي  ڊائريڪٽر نعيم خان ٻرڙو . چيئرمن  منير احمد ٻرڙو . ضلعي مينيجر راهب ميراڻي ۽ ٻين چيو ته  اسان جا انهي قسم جا فلاحي پروگرام ٿر جي علائقن سميت سنڌ جي 6 ضلعن ۽ پنجاب جي هڪ ضلعي ۾ ڪم ڪري رهيا آھيون   ٿر ۾ اسان جي تنظيم عوامي  خدمت  ماڻھن جي بنيادي حق  اهم ضرورت  پيئڻ جي  پاڻي جا 10 هزار نلڪا ڏيئي چڪا آھيون  وڌ کان وڌ  ڪم پاڻي تي ڪري رهيا آھيون  هاڻ اسان زرعي زمين آباد ڪرڻ تجرباتي بنياد تي 10 ٽيوب ويل لڳايا   ويا آھن جيڪو ڪامياب ٿي  چڪا آھن  هاڻي فصل اناج ۽  ڀاڄيون تيار ٿي رهيون آھن هاڻ   اهي پورهيت   هو ڀاڄي وڪڻي  گذارو  ڪري رهيا آھن  اسان جو رليف پروگرام رمضان ۾ جاري رهندو  اسان وڌيڪ خاندان ۾ رليف ورهائينداسين۽ پاڻي جا وڌيڪ نوان پروجيڪٽ  شروع ڪنداسين.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي