Online News Room
News From Sindh

October 24, 2021. 08:33:20

سهراب ڳوٺ ۾ حليم عادل شيخ تي حملو، ڏنڊا بردار ماڻهن کي ايس ٽي پي جا جهنڊا کنيل هئا: پي ٽي آءِ اڳواڻ جو الزام

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ تي سهراب ڳوٺ تي حملي جي ڪوشش ٿي آهي. حليم عادل شيخ آن لائين نيوز روم کي ٻڌايو آهي ته اڄ منهنجو پنهنجي تڪ پي ايس 99 سهراب ڳوٺ ۾ ريلي جو پروگرام هو، جتي ڪجهه هٿياربند ۽ ڏنڊا بردار ماڻهن حملي جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته تڪ جي عوام ٻاهر نڪري منهنجي مٿان حملي جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو آهي. حليم عادل شيخ الزام هنيو ته هي حملو تازو پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي وچ ۾ ٿيل ملاقات جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ جن ماڻهن منهنجي ريلي ۾ رنڊڪ پيدا ڪئي انهن جي هٿن ۾ ايس ٽي پي جا جهنڊا کنيل هئا.هن چيو ته ماضي ۾ به منهنجي مٿان اهڙي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پ پ ايم پي اي منور ٽالپر ملوث هو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي