Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 22:01:04

ملڪ اسد سڪندر ۽ ملڪ راجا خان وچ ۾ 15 سال پراڻي تڪرار جو نبيرو، ٻئي ڌريون کير کنڊ

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) سردار محمد صالح ڀوتاڻي جي ڪوششن سان ڀوتاڻي ھائوس ڪراچي تي ملڪ خاندان جي سرواڻ سردار ملڪ اسد سڪندر ۽ ملڪ راجا خان، ملڪ نادر خان، ملڪ پھاڙ خان جي وچ ۾ پراڻي تڪرار جو نبيرو ٿيو، جنهن ۾ سردار محمد صالح ڀوتاڻي ٻنهي گهرن وچ ۾ پيدا ٿيل اختلافن کي ختم ڪري کير کنڊ ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي عرفان ڀوتاڻي، شھزاد ڀوتاڻي، فرحان ڀوتاڻي. محترم شاھزيب ڀوتاڻي. ملڪ شاھنواز خان، ملڪ شفقت خان، ملڪ قمرالدين، ملڪ سڪندرخان جونيئر ، ملڪ احمد خان ۽ ملڪ سربلند خان موجود ھئا.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي