ڪراچي (آن لائين نيوز روم) اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي جي لاڏاڻي واري خبر ڪوڙي نڪتي آهي، جنهن کانپوءِ صدر مملڪت عارف علوي به پنهنجو ٽوئيٽ هٽائي ڇڏيو آهي. عارف علوي چيو آهي ته مير ظفرالله جمالي وينٽي ليٽر تي آهي، جيئن ئي اهڙي خبر پئي ته مون ٽوئيٽ هٽائي ڇڏيو آهي، سندس صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان.