Online News Room
News From Sindh

October 24, 2021. 08:17:03

رينجرز تي حملن ۾ ملوث سنڌو ديش لبريشن آرمي جا 4 دهشتگرد ميرپورخاص مان گرفتار

ميرپورخاص (آن لائين نيوز روم) سي ٽي ڊي جي حساس ادارن جي مدد سان ميرپور خاص ۾ ڪاروائي, چار ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعوا, گرفتار ڏوهارين جو تعلق سنڌو ديش لبريشن آرمي سان آهي. ڊي آئي جي سي ٽي ڊي عمر شاهد موجب  سارنگ عرف سهيل ميراڻي. بشير احمد شر. انيس احمد. خاوند بخش عرف سليم سنڌي کي ميرپور خاص مان گرفتار ڪيو ويو آهي ، ملزم رينجرز تي حملن سميت. بم ڌماڪن ۽ دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن. ملزمن پنهنجي ساٿي نياز لاشاري جو لاش ملڻ بعد رينجرز جي گاڏين تي حملا ڪيا.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي