Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 22:28:40

الطاف حسين جسڪاڻي جي ٽنڊي الهيار ۾ هزارين آلين اکين سان تدفين، ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل

ٽنڊو الهيار (آن لائن نيوز روم) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين الطاف حسين جسڪاڻي جي جنازي نماز ٽنڊوالھيار ۾ ادا ڪئي وئي، ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جسقم اڳواڻ نيازڪالاڻي، قومپرست اڳواڻ نواز خان زنئور، قومي راڳي وقار ملاح سميت ايس ٽي پي جي هزارين ڪارڪن شهرين سياسي سماجي اڳواڻن صحافين استادن جي شرڪت ڪئي آخري رسمن ۾ موجود ماڻهن سخت نعريبازي ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته قومي راڳي وقار ملاح قومي گيت پڙهي مرحوم کي ڀيٽا ڪئي آخري رسمن ۾ هر اک آلي نظر آئي. ٻئي پاسي مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي چئن سڃاتل ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ اسلم رند، ڀولو خانزادو ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي