جنرل قمر جاويد باجوا ۽ پير پاڳاري ۾ رابطن جو اثر، پاڪ- ڀارت سرحد جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج جي حر جماعت سان اهم گڏجاڻي
سکر (آن لائين نيوز روم) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ پير پاڳارا وچ ۾ پاڪ – انڊيا بارڊر جي حفاظت لاءِ حر مجاھد فورس جي مقرري لا۽ ٿيل اعلي سطحي رابطن کانپوء پنو عاقل ڇانوڻي لڳ پاڪستان آرمي جي اعلي آفيسرن ۽ پير سائين پاڳارا جي حر جماعت جي مک خليفن جي ھڪ اھم گڏجاڻي خليفي احمد صالح مھر جي رھائش گاھ ٿي گذري ـ گڏجاڻي ۾ برگيڊ ڪمانڊر پنوعاقل گيريزن ۽ حر جماعت جي چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو ۽ حر جماعت جي تمام چونڪين جي مک خليفن ,حر ڪمانڊرن ۽ ٻين اعلي فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي ـ اجلاس ۾ حر مجاھد فورس جي مزيد ڀرتي ۽ رڻ ڪڇ ۽ راجستان جي پاڪ – انڊيا بارڊر جي حفاظت لاء سرحد کي مڪمل طور حر مجاھد فورس جي حوالي ڪرڻ لاء غور و ويچار ڪيو ويو, ان موقعي حر جماعت جي چيف خليفي ۽ ٻين چونڪين جي مک خليفن برگيڊ ڪمانڊر پنو عاقل ڇانوڻي کي پنھنجي مڪمل سھڪار جو يقين ڏياريو ۽ انھي عزم جو ورجاء ڪيو ت حر فورس دفاع وطن لاء پنھنجي مرشد حضرت پير سائين پاڳارا جي ڏنل حڪمـن مطابق پاڪ فوج سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي پاڪ وطن جي سرحدن جي حفاظت ڪندي ـ بعد ۾ برگيڊ ڪمانڊر پنو عاقل گيريزن حرن جي جذبئي حريت کي سلام ڪندي اعلي حضرت پير صاحب پاڳارا ۽ حر مجاھد فورس جي حب الوطني ۽ دفاع وطن لاء ڏنل قربانين ۽ خدمتن کي ساراھيندي کين شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي ۽ وطن جي دفاع لاء پاڪستان آرمي سان سندن غير مشروط تعاون تي سندن ٿورا مڃيا ـ