Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 21:26:55

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين الطاف حسين جسڪاڻي جي قتل جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

حيدرآباد (آن لائين نيوز روم) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينيئر نائب چيئرمين الطاف حسين جسڪاڻي جي قتل جي نئين ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي الزام لڳايو آهي ته الطاف حسين جسڪاڻي کي اڄ صبح جو اغوا ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس تشدد جو نشانو بڻائي ۽ گولي هڻي گاڏي ۾ لاش رکي اها کائي ۾ ڪيرائي وئي. هن چيو ته هڪ قتل هڪ سازش تحت ڪيو ويو آهي، پر آئون اهو واضح ڪريان ٿو ته الطاف حسين جسڪاڻي جي قاتلن کي بخش نه ڪيو ويندو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ اسلم رند نالي شخص ملوث آهي، جنهن بابت خبر پئي آهي ته اهو چار ڏينهن اڳ ٽنڊوالهيار ۾ پنهنجو گهر کپائي لڏي ويو آهي، جنهن جي تصديق ايس ايس پي ٽنڊوالهيار پاڻ مون سان ڪئي آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي