Online News Room
News From Sindh

October 24, 2021. 08:17:44

مٺي ويجهو 9 ورهين جي نينگر سان هٿ پير ٻڌي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش، جوابدار سوگهو

مٺي (رپورٽ: بي ايل چنداڻي) مٺي جي علائقي فقير حسين جي ڍاڻي ڀرسان 9 ورهين جي معصوم نينگر محب ولد ذاڪر فقير جا هٿ پير ٻڌي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻارڙي جي رڙين تي پاڙي وارا پهچي مبينا جوابدار انور بجير کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو. نينگر جي والد جي فرياد تي جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. نينگر جو چوڻ هو ته ماسي جي گهر ويس ته انور بجير زبردستي پڪڙي هٿ پير ٻڌي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي. پوليس نينگر کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري اسپتال روانو ڪري ڇڏيو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي