مٺي ( رپورٽ : بي ايل چانداڻي ) ٿر ۾ انمول ۽ ناياب قسم جون هڪ سال بعد هن سال 2020 تي ٿر جي ننگرپارڪر، وٽ ، سامروٽي ، مهراڻي ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ پيل آگاٽي برساتن واري وسڪاري بعد ڀاڄيون ، ميوا ٻنين مان تيار ٿي ويا آھن ٿر جي مٺي، اسلامڪوٽ ، ڇاڇرو ، ننگر پارڪر ۽ ڏيپلو سميت ٿر جي گيٽ وي واري شهر نئون ڪوٽ ، ڪلوئي ۽ عمرڪوٽ جي شھرن ۾ پهچي ويون آھن لذيذ ( ٽيسٽي ) ڀاڄين جو وڪرو ۽ واهپو عام بڻجي ويو آھي ٿري ڇنڀڙ 80 کان 100 روپيا ڪلو ، ٿري گوار 100 کان150 روپيا ڪلو ، چنڀڙيون 30 کان 50 روپيا ڪلو . ٿري مهيا 60 روپيا ڪلو ، ٿري ڀاڄي وارا چانهيا 50 روپيا ڪلو وڪامڻ لگا آھن ٿري گدريون، مريڙو ، پپون به مارڪيٽ ۾ پهچي ويون آھن جنهن ڪري ڪيترن ئي پورهيتن جو روزگار کلي پيو آھي ٿري ڀاڄين جي ڪوالٽي ۾ 100 سيڪڙو وٽامن موجود آھن ۽ انهي کان اعلاوه ذائقو انتهائي مزيدار ۽ ڇنڀڙن جي چٽڻي به شهري علائقن ۾ مشهور بڻيل آھي ٿري ڀاڄيون صرف قدرتي آھن جنهن جي پيداوار بنا ڀاڻ جي قدرتي برساتي پاڻي تي ٿيئي ٿي جنهن ڪري انمول ۽ ناياب به آھن جنهن جي کائڻ صحتيابي به ملي ٿي