Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 00:55:45

عورت مزاحمت ڪئي ته ٻارن کي يرغمال بڻايو، پوءِ هو پاڻ اسان وٽ آئي ۽ اسان لڄالٽ ڪئي: جوابدار جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور (آن لائن نيوز روم) لاهور موٽروي زيادتي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شفقت انڪشاف ڪندي چيو آهي ته لاهور موٽروي واردات واري ڏينهن ڪارروائي لاءِ 3 ڄڻا نڪتا هئاسين جن ۾ هو پاڻ، عابد علي ۽ هڪ بالا مستري نالي شخص شامل هو. هُو ۽ عابد علي واردات لاءِ شاهدره کان اڳتي ويا هئا جڏهن ته بالا مستري ساڻن گڏ نه هو. جوابدار شفقت چيو ته لاهور موٽروي تي واردات واري رات هُو اُتي ويجهو گهر جي ڇت تي ويٺا هئا، گرفتار جوابدار شفقت انڪشاف ڪندي چيو ته لاهور موٽر وي واردات جي وقت کين شراب پيتل هو ، هُنن شراب واردات کان پهرين اتي ويجهي عمارت جي ڇت تي پيتو هو . ان دوران هنن ڏٺو ته هڪ گاڏي روڊ تي اچي بيٺي. گهڻي دير تائين گاڏي بيٺل رهي ته پوءِ هنن ڦر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پنهنجي اخبار جي رپورٽ موجب جوابدار انڪشاف ڪندي چيو ته ڦر بعد هنن عورت سان اجتماعي زيادتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر عورت مزاحمت ڪئي ۽ روڊ کان هيٺ اچڻ کان انڪار ڪيو، عورت جي مزاحمت تي عابد گاڏي جو شيشو ٽوڙيو جنهن دوران عورت جو هٿ زخمي ٿيو . هن چيو ته عورت جي مزاحمت بعد هُن جي ٻارن کي کنيو ۽ هُو روڊ کان هيٺ هليا ويا، جنهن تي عورت گاڏي مان لهي رستي کان هيٺ اچي وئي ۽ پوءِ هُنن ٻنهي گڏجي عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو. جوابدار شفقت چيو ته هُنن موٽر وي واقعي بعد قلعه ستار شاهه ۾ رات گذاري هئي،ٻئي ڏينهن هُو ديپالپور هليو ويو هو جڏهن ته عابد علي پنهنجي والد جي گهر مانگا منڊي هليو ويو هو.هُن جو عابد علي سان آخري رابطو ٽي ڏينهن پهرين ٿيو هو . هن چيو ته وقار الحسن به گروهه ۾ شامل هئو پر هو موٽروي واردات ۾ شامل نه هئو. وقار الحسن بابت انڪشاف ڪندي شفقت چيو ته موٽر سائيڪل چوري جي وارداتن ۾ وقار الحسن شامل رهيو آهي ۽ چوري ڪيل گاڏين جا اسپيئر پارٽس بلال گنج مارڪيٽ لاهور ۾ وڪرو ڪندا هئا. جوابدار شفقت انڪشاف ڪندي چيو ته هنن جا ڪچي جي علائقي ۾ رابطا آهن، وارداتن بعد هو ڪچي جي علائقن ۾ روپوش ٿي ويندا آهن. هن چيو ته هو رات جو پنهنجي گهرن ۾ ناهن سمهندا ڇاڪاڻ ته رات جو پوليس سندن گهرن تي ڇاپا هڻندي هئي، هو ڏينهن جو پنهنجي گهرن ۾ ويندا هئا. جوابدار شفقت لاهور موٽروي جي مک جوابدار عابد علي بابت انڪشاف ڪندي چيو ته عابد علي هڪ مهينو اڳ فيڪٽري ايريا ٿاڻي جي حد ۾ شيخوپوره جي علائقي ۾ ڦر دوران هڪ عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، ان واقعي جو ڪيس فيڪٽري ايريا ٿاڻي تي داخل ٿيو پر ان ۾ صرف ڦر واردات جو ذڪر ڪيو ويو جڏهن ته فريادي به وڌيڪ ڪيس جي ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جوابدار شفقت علي چيو ته هُو لاهور سيالڪوٽ موٽروي تي ان کان پهرين به ڦر جون وارداتون ڪري چڪا آهن.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي