Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 00:45:15

ڇاڇري واسي نوجوان 5 مهينن کان بلڊ ڪئنسر جي موذي مرض ۾ مبتلا، سرندي وارن کي علاج جي اپيل

مٺي (رپورٽ: بي ايل چنداڻي)  ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ سوجي جو تڙ رهواسي شادي شده نوجوان ٽن ٻارڙن جو پيء گذريل پنج سالن کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ بلڊ ڪئنسر جي موذي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب داخل آهي, نوجوان سترام جي وارثن ماکن ميگهواڙ, منگل ميگهواڙ, دليپ ڪمار  ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوجوان بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب گذريل پنج مهينن کان اسپتال ۾ داخل آهي جنهنڪري گهر جو الهه تلهه وڪڻي, ستاويهه لک روپيا خرچ ڪري چڪا آهيون هاڻي کائڻ پئيڻ لا به ڪجهه به ناهي جڏهن ته ڊاڪٽرن موجب نوجوان جي علاج لا وڌيڪ پنجهٺ لک روپيا گهريا ويا آهن هاڻ اسان وٽ ايترا وسائل ناهن جو وڌيڪ خرچ ڪري سگهون جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي مينارٽي ونگ تي چونڊيل نمائندن ايم پي اي, ايم اين هريرام ڪشوري, سريندر ولاسائي,سينيٽر انجنئير گيانچند ,ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ۽ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي پاران به ڪنهن به قسم جي ڪا مدد نه ڪئي وئي آهي هنن سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي چونڊيل نمائين ۽ ٻين سرهندي وارن کي مدد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته نوجوان جي علاج ۾ مدد ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي