Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 00:42:34

ڪنڊيارو ۾ هفتو اڳ قتل ٿيل ضياءَ سهتو جا قاتل گرفتار نه ٿيا، سوين ماڻهن جي احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو

ڪنڊيارو (آن لائين نيوز روم) ڪنڊيارو شهر جي ڪلتار پور محلي ۾  ھفتو اڳ قتل ٿي ويل ضياءَ سھتو جا قال گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي شهر جي اسٽار چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي  ارشاد الحق, ڪامران سهتو,نعمان سهتو, ياسر گهانگهرو, ظفر کوسو سجاد عباسي ۽ ٻين  جو چوڻ آھي ته پوليس ضيا جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي. جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن واقعي کي 10 ڏينهن گذري ويا آھن ـ پر پوليس  مک جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي, ھنن چيو ته ڪيس جي جاچ ڪندڙ  آفيسر نياز ٽانوري ڪيس کي لوڙھڻ چاھي ٿو ـ پوليس ڪيس کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي مقتول جا وارث انصاف گهري رهيا آهن پر پوليس کين انصاف فراهم نه پئي ڪري الٽو پوليس جوابدارن جي ڌر بڻجي وئي آهي ھن مطالبو ڪيو ته مقتول ضياء سھتو جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن ـ ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ـ

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي