Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 01:55:05

کيئل داس ڪوهستاني ميرپورخاص جي برسات متاثر علائقن جي دوري تي پهچي ويو

ميرپورخاص (آن لائين نيوز روم) مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني ميرپورخاص جي برسات متاثر علائقن جي دوري تي پهچي ويو. کيئل داس ڪوهستاني تعلقي ميرواهه گورچاڻي جي ڳوٺ علي محمد آرائين ۽ ڳوٺ باغان جا دورا ڪري برسات جي تباهين جو جائزو ورتو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪري تفصيل معلوم ڪيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي کيئل داس ڪوهستاني چيو ته  ميرپورخاص ۾ برسات وڏي تباهي مچائي آهي، ماروئڙن جا اجها ۽ فصل لڙهي ويا آهن. هن چيو ته نواز ليگ هن ڏکئي صورتحال ۾ سنڌ جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي، پارٽي صدر ميان شهباز شريف سنڌ جو دورو ڪري ڏکيائين ۾ مبتلا عوام جو حوصلو وڌايو. کيئل داس ڪوهستاني چيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ميرپورخاص ضلعي ۾ فوري طور امدادي سرگرميون شروع ڪرائي ۽ هتان جي متاثرن لاءِ خاص پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي