Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 00:27:00

سنڌ کي ترقياتي اسڪيمن ۾ نظر انداز ڪرڻ تي فهميده مرزا جو پرويز خٽڪ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد (آن لائين نيوز روم) ترقياتي اسڪيمز ۾ سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ تي وفاقي وزير فهميده مرزا پرويز خٽڪ جي صدارت هيٺ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي.  پائيدار ترقي جي حوالي سان اجلاس دوران ڊاڪٽر فهميده مرزا سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ترقياتي اسڪيمز مڪمل نه ٿيڻ وارو مامرو اُٿاريو ۽ اجلاس اڌ مان ڇڏي هلي وئي، ذريعن موجب وفاقي وزير فهميده مرزا جو چوڻ هو ته ترقياتي اسڪيمز ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسڪيمز جو وقت سِر پورو ٿيڻ سنڌ واسين جو حق آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي