Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 00:23:04

ڪورنگي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪروڙين رپين جي فنڊن ۾ گهوٻيون، 4 ڪامورا معطل

ڪراچي (رپورٽ: سيد موسيٰ رضا)ڪورنگي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ۾ جعلي بلن ذريعي ڪروڙين رپين جي فنڊن ۾ خرد برد جي الزام هيٺ 4 ڪامورا معطل ڪيا ويا آهن. لوڪل گورنمينٽ بورڊ پاران ڊي ايم سي ڪورنگي گريڊ 19هين جي سلمان حيدر، گريڊ 18هين ارشاد آرائين کي معطل ڪيو ويو، فنڊن جي خرد برد واري الزام گريڊ 18هين عبدالڪريم ۽ ابسار احمد کي معطل ڪيو ويو. لوڪل گورنمينٽ بورڊ  موجب ڊي ايم سي ڪورنگي ۾ جعلي بلن ذريعي فنڊن ۾ گهوٻيون هنيون ويون، غيرقانوني ڀرتيون پڻ ڪيون ويو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي