Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 00:57:55

وزيراعظم سان صدرا لدين شاهه راشدي جي نويڪلائي ۾ ملاقات، سنڌ جي ٻين ضلعن لاءِ پئڪيج جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ پير سيد صدرالدين شاه راشدي گورنر ھاوس ڪراچي ۾ وزير اعظم عمران خان سان نويڪلائي م ملاقات ڪئي، ملاقات م سيد صدرالدين شاھ راشدي وزير اعظم کي جي ڊي اي جي خدشن کان آگاھ ڪيو ۽ چيو ته  سنڌ جي عوام مان احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ  برساتن ۽ ٻوڏ متاثرن ٻين علائقن ضلعن جو وزيراعظم دؤرو ڪري رليف پيڪيج جو اعلان ڪري،ڇاڪاڻ ھاڻوڪي برساتن سبب سنڌ جا ٻيا ضلعا به سخت متاثر ٿيا آهن،جن کي سنڌ حڪومت به  نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي،انھن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي،سيد صدرالدين شاه راشدي وزير اعظم کي چيو ته  گورنر کي ھدايت ڪئي وڃي ته  ھڪ مھيني م حڪومت جي اتحادي جماعتن جو ٻه  دفعا اجلاس ڪوٺايو وڃي،ايندڙ ملاقات م جي ڊي اي جي ٻين اڳواڻن کي به  شامل ڪيو وڃي،ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان سيد صدرالدين شاھ راشدي کي يقين ڏياريو ته  جي ڊي اي جا خدشا صحيح آھن جن کي ختم ڪيو ويندو،جي ڊي اي اسان جي اھم اتحادي آھي،ھن چيو ت ھو جلد برسات ۽ ٻوڏ متاثر ضلعن جو دؤرو ڪندس،  انھن ضلعن جي بحالي لاء پيڪيج ڏنو ويندو، هن چيو ته مون کي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي عوام سان محبت آهي. �tm�}�/@

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي