Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 00:12:04

ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن پروگريسو پينل جي وفد جي ايم اين اي جئه پرڪاش لوهاڻي سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن پروگريسو پينل جي وفد پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم اين اي جئه پرڪاش لوهاڻي سان ملاقات ڪئي آهي. وفد جي سربراهي چيئرمين جي اميدوار سيٺ حاجي عبدالستار ميمڻ ۽ گروپ سرواڻ سيٺ پريم چند ڪوهستاني ڪئي، وفد ۾ سيٺ ڀڳوان داس سکيجا، سيٺ سانول راج سکيجا، سيٺ ڪنور رام، سيٺ نرمل داس، سيٺ جئيش ڪمار شامل هئا. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ايم اين اي جئه پرڪاش لوهاڻي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪاٽن جنرز جا مسئلا انتهائي سنجيده آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ هو حڪومتي سطح تي ڳالهائيندو. هن چيو ته ايسوسيئيشن جي چونڊ ٿيڻ جمهوري عمل کي هٿي ڏيڻ وارو قدم آهي، اسان جون نيڪ خواهشون اوهان سان گڏ آهن.سيٺ عبدالستار ميمڻ چيو ته ڪاٽن جنرز هن وقت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اميد آهي ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اڳتي ايندي. هن چيو ته اسان جو گروپ اليڪشن کٽي جنرز جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جي نئين شروعات ڪندو. سيٺ پريم چند ڪوهستاني چيو ته سليڪشن نه پر اليڪشن ۾ ئي ووٽ جي عزت آهي ۽ جنرز لاءِ پروگريسو پينل جي چونڊ ئي بهترين قيادت فراهم ڪندو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي