Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 05:12:03

سنڌ حڪومت ڪٺ کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش پئي ڪري، اسان به وفاق کان مدد وٺنداسين: علي گوهر مهر جو اعلان

گهوٽڪي (رپورٽ: مقبول بوزدار) جي ڊي اي جي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر چيو آهي ته سڀاڻي برادري جو هڪ پرامن ميڙاڪو آهي ٻيو ته ڪجھه به نه آهي،   مونکي سمجه نٿي اچي ته سڀاڻي واري ڪٺ کي روڪڻ لاءِ ٽن ضلعن جي پوليس کي ڇو گهرايو ويو آهي. خانپور مهر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي گوهر مهر چيو ته جمهوري حڪومت کي ته گهٽ ۾ گهٽ ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، اسين برادري کي دعوت ڏني آهي مونکي اميد آهي ته ماڻهن جي توقع کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت ڪندا، سڀاڻي واري ڪٺ ۾ برادرين جي مسئلن کي حل لاءِ ڳالهيون ٿينديون، هي ڪو پي ٽي آءِ جو جلسو نه آهي جو ڪٺ کي سياسي سمجهيو وڃي. علي گوهر مهر چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سردار کي پوليس جي ضروت هجي ته پوء واضع آهي ته هن ڇا ڪيو آهي، 144 قلم لاڳو اڃان تائين ناهي لڳايو ويو پر ڪٺ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت الاهي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي ته اسين برادري کي گهرائي به نٿا سگهو،   جيڪڏهن ضرورت پئي ته وفاق کان مدد ورتي ويندي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي