سيوهڻ جي عدالتي چمبر ۾ ناري سان لڄالٽ وارو معاملو، الزام هيٺ آيل جج امتياز ڀٽو بچي ويو، ڊي اين اي رپورٽ نگيٽو اچي وئي
ڄامشورو (آن لائين نيوز روم) سيوهڻ جي عدالتي چيمبر ۾ شهدادڪوٽ واسڻ ناري سلما بروهي سان سول جج امتياز ڀٽو پاران مبينا زيادتي معامري کانپو۽ عدالتي حڪم تي 21 آگسٽ تي جوابدار امتياز ڀٽو جي ڊي اين اي ٽيسٽ لا۽ ڄامشورو جي فورنزڪ ملڪيولر بائيولاجي ليبارٽي ۾ سيمپل ورتا ويا هئا زريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته ڊي اين اي رپورٽ اڄ فورنزڪ ليب انتظاميا رپورٽ پوليس حوالي ڪري ڇڏي جنهن ۾ ڪيس ۾ ملوث اڳوڻو سول جج امتياز ڀٽو جي ڊي اين اي رپورٽ نيگٽو اچي وئي آهي جنهن ۾ ناري سلما بروهي سان جج جي مبينا ڏاڊائي جي تصديق نه ٿي آهي جج جي رپورٽ نيگٽو اچي وئي ۽ جوابدار نثار بروهي جي ڊي اين اي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي جنهن ۾ نثار بروهي پاران ناري سلما بروهي سان ڏاڊائي جي تصديق ٿي آهي ڄامشورو سيوهڻ جي عدالتي چيمبر ۾ 13 جنوري تي شهدادڪوٽ واسڻ ناري سلما بروهي سان مبينا طور زيادتي جو الزام لڳايو ويو جنهن کانپو۽ الزام هيٺ آيل معطل جج امتياز ڀٽو مٿان ناري سلما بروهي سان مبينا طور زيادتي جو ڪيس سيوهڻ ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو جج امتياز ڀٽو ضمانت ڪرائي هئي مسلسل 8 مهينن کان ڄامشورو جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هو 21 آگسٽ تي ايڊيشنل سيشن جج ٽو رحمت الله مورو جي عدالت پاران جج امتياز ڀٽو جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو 10ڏينهن کانپو۽ ڊي اين اي رپورٽ نيگٽو اچي وئي.