ڪراچي (آن لائين نيوز روم) ڊائريڪٽر(پي ايم سي) ايگريڪلچر ۽ صحافي ممتاز ميمڻ جي مامي عبدالعزيز چنا جي ڪرولا بليڪ ڪلر ڪار چور گلشن حديد واري رهائشگاهه وٽان ڪاهي فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع اسٽيل ٽائون پوليس کي ڪيو ويو آهي، جنهن جاچ شروع ڪري ڏني آهي۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالعزيز چنا چيو ته گذريل رات گاڏي گهر جي در ٻاهران بيٺي هئي گاڏي جا دروازا چڪ ڪري ستو آهيان صبح جو ننڊ مان اٿياسين ته گاڏي ڪو نه هئي۔ هن چيو ته 15 ، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي۔ هن چيو ته گلشن حديد ۾ بدامني تمام گهڻي وڌي وئي آهي پر ان طرف ڪو به ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناهي جنهن ڪري آئي ڏينهن ڏوهاري ڪارروائيون ٿي رهيون آهن٠ هن آء جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري چوري ٿي ويل ڪار واپس ڪرائي وڃي.