ڪراچي (آن لائين نيوز روم) سنڌ حڪومت هڪ هزار 73 ڊاڪٽرن کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نوڪرين مان فارغ ڪيل ڊاڪٽر ڪيتري ئي عرصي کان غيرحاضر هئا، جن جي طلبي لاءِ اشتهار پر جاري ڪيا ويا هئا پر هنن ڪو به رابطو نه ڪيو، هاڻي هو پاڻ کي نوڪرين مان فارغ سمجهن.