Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 04:49:30

وفاقي حڪومت ڪراچي کي پنهنجي نگراني ۾ رکڻ لاءِ آرٽيڪل 149 لڳائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) وفاقي حڪومت سنڌ ۾ آرٽيڪل 149 لڳائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي شهر جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت فريم ورڪ تي ڳالهيون ٿينديون، جيڪڏهن فريم ورڪ تي اتفاق نه ٿيو ته پوءِ صوبي ۾ آرٽيڪل 149 لڳائي سگهجي ٿو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو آهي ته في الحال ڪو به اهڙو قدم نه پيو کنيو وڃي، جنهن سان افراتفري پيدا ٿئي، پر وفاقي حڪومت ڪراچي شهر کي اڪيلو ۽ لاوارث نه ڇڏيندي، جلد حتمي فيصلو ٿي ويندو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي