Online News Room
News From Sindh

September 19, 2020. 00:41:00

مٺي ۾ ڳوٺ رائيلو رند جي ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر وڏيرن جي ظلم خلاف احتجاج

مٺي(آن لائين نيوز روم) مٺي تعلقي جي ڳوٺ رائيلو رند جي رهواسين راڻو سنگهه،مولو ڀيل ۽ ٻين پريس ڪلب مٺي پهچي دانهيندي چيو آھي ته ڳوٺ جي بااثرن وڏيرن رمضان رند،جهانگير رند جي ڀڇ تي ڳوٺ رائلو ۽ موڪڙيار جي جيسو،ڪرشن،ڌيرو،ڀاولو،سومار پهلاج،رامچند اوتم ،ڌنو مهرو،ڏيسر ويرو،موٽو جاني،ڦوٽو مصري ۽ ٻين  50 کان وڌيڪ هٿياربندن بندوقن، پسٽل،ڪهاڙين سان اسان جي سروي ٻني 76۽ 63 تي چڙھائي ڪري قبضو ڪري ڇڏيو آھي ۽ پوکائي ڪري رهيا آھن ۽ اسان کي مسلسل ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن اسان بالا آفيسرن وٽ دانهن کڻي وياسين پر اسين غريبن جي دانهن ڪير به ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن سبب اسان بي يارو مددگار ٿي دانهي رهيا آھيون هنن چيو ته اسان کي بااثر وڏيرن ۽ ڄاڻايل جوابدارن مان جان جو خطرو آھي هو هٿياربند هر وقت جهيڙي جي لاءِ تيار ويٺل آھن اسين مسڪين ماڻھو آھيون اسان جي ذاتي سروي زمين آھي جنهن تي هو قابض ٿي ويٺا آھن اسان کي انتظاميا تحفظ فراهم ڪري ۽ ڄاڻايل جوابدارن خلاف فوري ڪاروائي ڪري اسان جي جانين کي خطرو آھي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي