Online News Room
News From Sindh

August 15, 2020. 06:19:05

مٺي ميونسپل ڪميٽي پاران نئين مالي سال لاءِ ٽيڪس فري بجيٽ پيش

مٺي(رپورٽ : بي ايل  چانداڻي ) چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مٺي ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي سال 2020 ۽ 2021 جي 1لک 82 هزار 559 بچت واري ٽيڪس فري بجٽ پيش ڪري ڇڏي جيڪا ممبرن پاران يڪراء منظور ڪئي وئي. تفصيل موجب چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مٺي ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي سنڌ لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ 2013 جي سيڪش 110 جي تحت ميونسپل ڪاميٽي مٺي جي ٽيڪس فري بجٽ ضلعي ڪائونسل هال مٺي ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ ٽوٽل آمدني جو ڪاٿو 29 ڪروڙ 10لک 18 هزار 547 روپيا جڏهن ته ٽوٽل خرچ جو ڪاٿو 35 ڪروڙ 9لک 33 هزار 998 روپيا لڳايو ويو سالاني بجٽ ۾ گذريل سال جي بچت 6 ڪروڙ 98 لک 10 روپيا ڏيکاري وئي. سالاني بجٽ ۾ ملازمن جي پگهار ۽ پينشن لاء 13 ڪروڙ 24 لک 4هزار 998 روپيا، هلندڙ سروس دوران فوتي ملازمن لاء 50 لک روپيا، راندين لاء 5 لک، باه متاثرن لاء 5 لک، سوشل ويلفئير، ڪلچر، عيد، ڏيواري، هولي ۽ ٻين خوشين جي ڏينهن لاء 5لک روپيا، غريب شاگردن جي اسڪالر شپ لاء 2لک روپيا، حاضر سروس ملازمن جي علاج لاء 1لک رويپا، وڻڪاري مهم لاء 10لک، پارڪن جي مرمت لاء 5لک، متفرقه خرچن لاء 10لک، نرسري لاء 20 لک، اشتهارن جي في لاء 2لک، پوليو پروگرام لاء 2 لک، نادرا فارم في 1لک، لائبريري لاء 7 لک، سي سي ٽي ڪيميرا لاء 5لک، واٽر سپلاء جي مرمت ۽ نئين پائپ لائن لاء 50لک، ٽرانسفرمر جي مرمت لاء 3لک، واٽر ٽينڪ جي صفائي لاء 1لک، سينيٽيشن سامان ۽ صفائي لاء 1 ڪروڙ 50 لک، ڪتن مار زهر لاء 1لک، مليريا اسپري لاء 10لک، ليولنڪ ۽ ڊمپر لاء 15 لک روپيا، ڊرينيج اسڪيمن ۽ نالين جي مرمت لاء 23لک، گاڏين جي مرمت لاء 55لک، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاء 50 لک، ڪرونا وائرس کان بچائو لاء 20 لک، قومي ڏينهن ملهائڻ لاء 9لک، اليڪٽرڪ کنمبا نيئن ڪالونين لاء 36 لک ۽ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن لاء 10 ڪروڙ 50لک روپيا مختص ڪيا ويا.انهي موقعي تي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي چيو ته هي عوام دوست بجٽ آهي هن بجٽ پاس ٿيڻ سان مٺي شهر ۾ ترقياتي ڪم لاء راه هموار ٿيندي ۽ شهرين کي صفائي سٿرائي ، روشنائي ۽ پاڻي جي بهتر سهولت ٿي سگهندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب ترقياتي ڪم متاثر ضرور ٿيا آهن پر جلد ئي زندگي معمول تي اچڻ بعد ڪمن جو آغاز ڪيو ويندو. بجٽ اجلاس ۾ وائس چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ڏونگرومل، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات ٿرپارڪر غلام رضا کوسو، چيف ميونسپل آفيسر سيد اعجاز شاه، ميونسپل ڪاميٽي جي عملي ڪائونسل ممبرن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي