Online News Room
News From Sindh

August 15, 2020. 06:13:20

پي ٽي آءِ ميرپورخاص جو ڊويزنل جنرل سيڪريٽري چنيسر آريسر جي ق ليگ ۾ شموليت جو اعلان

لاهور (آن لائين نيوز روم)  سياسي سماجي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پاڪستان تحريڪ انصاف ميرپورخاص ڊويزن جي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ۽ پي ايس 48 شجاع آباد جي ٽڪيٽ هولڊر چنيسر آريسر پاڪستان تحريڪ انصاف کي الوداع چئي پاڪستان مسلم ليگ ق لاهور جي مرڪزي آفيس ۾ اڳوڻي سينيٽر ۽ پاڪستان مسلم ليگ ق جي مرڪزي ترجمان ڪامل علي آغا سان ملاقات ڪري پاڪستان مسلم ليگ ق ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي، ان موقعي تي ڪامل علي آغا چنيسر آريسر کي ويلڪم ڪيو ۽ هميشه گڏجي ڪم ڪرڻ يقين ڏياريو، ان موقعي تي چنيسر آريسر چيو ته آئون چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي جي شخصيت کان متاثر ٿي ق ليگ ۾ شامل ٿيو آهيان، سندن اعتماد تي پورو لهندس، هن چيو ته عيد کانپوء سموري سنڌ ۾ باقائده تنظيمي سرگرميون شروع ڪيون وينديون ۽ ق ليگ کي سنڌ ۾ مضبوط ڪيو ويندو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي