Online News Room
News From Sindh

August 15, 2020. 06:41:16

توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ٿر جي ڪوئلي سبب مقامي آبادي تي پوندڙ اثرن انتظاميا جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

مٺي (رپورٽ: بي ايل چنداڻي) سينيٽر گيانچند پاران سينيٽ اجلاس دوران  24 جنوري 2020 تي ٿر جي ڪوئلي نڪرڻ سبب مقامي آبادي تي پوندڙ اثرن ۽ ان بابت حڪمت عملي جوڙڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس  وارو معاملو سينيٽ چيئرمن پاران لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو هو ۔ان سلسلي ۾ سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاران اهو مسئلو ايجنڊا تي رکيو ويو هو۔اسلام آباد ۾ سينيٽ جي توانائي بابت ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ انهي حوالي سان سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو ابول فضل رضوي،نصير ميمڻ ۽ صوبائي توانائي کاتي جي نمائندي پيش ٿي ان بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔بريفنگ ۾ ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڪمپني پنهنجي  ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي مان لوڪل سطع تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ 2025 تائين اسلام ڪوٽ ۾  SDG اسٽينڊرڊ تحت سهولتون ميسر هونديون ۔سينيٽر گيانچند پاران ڪوئلي جي ايريا ۾ ايندڙ يڪسالي زمين جو مسئلو حل ڪري ۽ اتي موجود وڻن جو به معاوضو ڏيڻ تي زور ڏنو ويو جنهن تي ڪمپني پاران وڻن جو معاوضو زمين جي قيمت سان گڏ ادا ڪرڻ جو ٻڌايو ويو پر ڪاميٽي ان جواب تي مطئمن نه ٿيندي ملڪ ۾ هلندڙ ٻين پروجيڪٽس نيلم جهلم پاور پلانٽ ۽ لاهور ۔اسلام آباد موٽروي  جي تعمير سبب متاثر ٿيندڙ آبادين کي وڻن جي  معاوضي واري سطع جو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي۔ميٽنگ ۾ سينيٽر سراج الحق پاران ٿرپارڪر جي ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ واري معاملي کي اٿاريو ويو ۽ رپورٽ ورتي وئي۔ميٽنگ ۾  ٿر ڪول بلاڪ ون جي ڪنهن به نمائندي پاران شرڪت نه ڪرڻ تي ڪاميٽي چيئرمن سميت ميمبرن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ۽ ايندڙ گڏجاڻي ۾ حاضر ٿيڻ لا چيو ويو۔اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاران ٿرڪول ايريا جو دورو ڪري ڪوئلي نڪرڻ سبب ماحول تي ٿيندڙ اثرن ۽ ان جي حل بابت  اپاء وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهڙي جامع رپورٽ رپورٽ سينيٽ جي ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي۔

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي