Online News Room
News From Sindh

August 15, 2020. 05:56:40

پي پي سينيٽر انجنيئر گيانچند ڀيل برادري سان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس ورتو، تفصيلي رپورٽ طلب

مٺي  (رپورٽ: بي ايل چانداڻي) پ پ پ ٿرپارڪر جي صدر سينيٽر انجنيئر گيانچند ڀيل برادري سان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺندي انتظاميه کان سموري مسئلي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي۔پ پ پ ضلعي صدر چيو آهي ته  پ پ پ هميشه غريبن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ هر وقت ۾ مسڪينن ۽ مظلومن جو آواز بڻي آهي۔ٿرپارڪر سان واسطو رکندڙ اسانجي هڪ برادري پاران مٺي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي انهي سموري برادري کي پ پ پ يقين ڏياري ٿي ته توهان سميت هر ماڻهو سان ٿيندڙ ناانصافي جو تدارڪ ڪيو ويندو۔ڪالهه واري احتجاج ۾ شريڪ سڀني معزز ڀائرن ۽ ڀينرن جي جذبن کي پارٽي انتهائي سنجيده وٺي ٿي ۽ اسين پهرين جيان هڪ دفعو ٻيهر دوستن کي گذارش ڪنداسين ته پ پ پ جي  چونڊيل نمائندن سميت تنظيم جا دروازا توهان جي لا هر وقت کليل آهن توهان ڪنهن به وقت ملاقات ڪري سگهو ٿا ۽ اسين توهان جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ جي تسلي ڏيون ٿا۔پ پ پ غريبن سان ٿيندڙ ناانصافين کي ڪڏهن به برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ سڀني هارين ،پورهتين ۽ پٺتي پيل طبقي جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو  آهي۔

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي