Online News Room
News From Sindh

August 15, 2020. 06:34:44

ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ تلوايو ۽ کاريو جا رهواسي مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻجي ويا

اسلام ڪوٽ (رپورٽ: صادق بجير) ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ تلوايو ۽ کاريو جي رهواسي مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. رهواسين ڪڪو مهراڻوپو، صلاح، جادم، پونم ميگهواڙ، پونم ڪولهي ۽ صبحان لنجو جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لاء اڄ به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،انهي سلسلي ۾ متاثرن دانهيندي چيو ته بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپني مسلسل اسان سان زياديون ڪري رهي آهي،اسان کي گهرن ۽ زمينن جو معاوضو به نٿو ڏنو وڃي،روزگار ۾ به اسان کي نظرانداز ڪري ڌارين کي نوازيو پيو وڃي،روينيو عملدارن ڪرپشن ڪرڻ خاطر جيڪا جيڪا ريسيٽمينٽ جي سروي واري لسٽ ٺاهي آهي انهي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي شامل ئي نه ڪيو آهي،انهي کان سواء ڪمپني جيڪا ايگريمينٽ ڪئي انهي تي عمل نٿي ڪري متاثر جيڪي ٿين پيا انهن کي سهوليتون ڏيڻ بجاء دربدر ڪيو پيو وڃي،اسين ترقي جا مخالف نه آهيون،چاهيون ٿا ته ڪوئلو نڪري ملڪ ترقي ڪري پر اسان کي پنهنجا جائز حق ته ڏنا وڃن دنيا ۾ بيواھ عورتن کي رليف ڏنو ويندو آهي پر هتي ڪمپني بيواهن کي معاوضو به اڌ ڏيڻ لاء پلاننگ رهي آهي جيڪا اسان کي قبول نه آهي،هنن چيو ته سرڪار نوٽيس وٺي انصاف ڪري جيڪڏهن اسان سان انصاف نه ٿيو ته احتجاج جو سلسلو تيز ڪيو ويندو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي