Online News Room
News From Sindh

August 13, 2020. 02:35:42

تازا ترين

سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلن خلاف سوشل ميڊيا وسيلي منظم مهم هلائيندڙ ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي فيس بڪ آءِ ڊي بلاڪ ٿي وئي

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلن خلاف سوشل ميڊيا وسيلي منظم مهم هلائيندڙ ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي فيس بوڪ آء ڊي بلاڪ ٿي وئي آهي. هن فيس بوڪ وسيلي ڪامياب جدوجهد هلائي نه رڳو سنڌ جي عوام کي متحرڪ ڪيو پر سنڌ حڪومت کي ان معاملي جي جاچ لاء جاچ ڪميٽي جوڙڻ تي مجبور ڪيو. ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي ڪامياب جدوجهد جي نتيجي ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز جي سربراهي ۾ ٽي رڪني جاچ ڪميٽي جاچ ڪري 200 صفحن تي مشتمل جاچ رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ سمورن ڪمشنرن ۽ گهرو سيڪريٽري جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽيون جوڙيون ويون. جن سڄي سنڌ ئ جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي ڪامياب جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتين جي جاچ شروع ٿي وئي آهي. واضح رهي ته جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتين خلاف جدوجهد تي کيس ڊگهي عرصي کان ڌمڪيون پڻ ملي رهيون هيون ۽ هن وقت هو سنڌ جي ڪاليجن ۾ جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتي ٿيل ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ عملي جي ڊوميسائلن جي جاڇ ڪري رهيو هيو. جنهن تي سپلا (فيروز گروپ) جي اڳواڻ کيس لڳاتار ڌمڪيون ڏنيون هيون.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي