Online News Room
News From Sindh

August 15, 2020. 06:15:18

صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جي هدايت تي هالا جي وارڊ نمبر 15 ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو

هالا (رپورٽ:عامر انڙ) صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جي خصوصي هدايت تحت ميونسيپل هالا جي بجيٽ مان واڊ نمبر 15 جي مختلف علائقن ۾ روڊن، گهٽين، محلن ۾ سي سي بلاڪ، نالين ۽ پيور بلاڪ هڻائيندي سوا ڪروڙ روپين لاڳت سان تعميراتي ڪم ڪريا ويا، ان سلسلي ۾ ضوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جي پاران علائقي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي نگراني لاءِ مقرر ڪيل ٽيم جنهن جي اڳواڻي سندس پي اي مير مسرت جعفري، رياض توڪل ميمڻ،آصف ڪاڪا،اڪرم راجپوت، جن وارڊ نمبر 15 ۾ مڪمل ۽ رهيل ڪمن جي جائزي لاءِ وارڊ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، مخدوم محبوب الزمان جي ٽيم جو پيرمولابخش ڪالوني ۾ پهچڻ تي علائقي جي رهواسين سردار ضمير حسين مهر، ڪامريڊ امداد چانگ، غلام محمد مهر، لالا عمراڻي، فقير محمد رمضان ملاح، بهزاد سمون جي پاران مير مسرت جعفري ۽ سندس ٽيم ميمبرن جو  دهلن ۽ شرنائيون سان شاندار استقبال ڪندي کين جلوس جي شڪل ۾ مهر ڪاٽيج تي آندو ويو، جتي موجود علائقي جي معززين غلام  محمد سومرو، حاجي روشن الدين مهر، علي گل مهر ۽ ٻين مخدوم محبوب الزمان جي پاران سندن محلي جي سمورن گهٽين جي نالين ۽ رستن کي نئين سر تعمير ڪرڻ تي سندن ٿورو مڃيندي مير مسرت جعفري کي بوسڪي جو پٽڪو پڻ ٻڌايو ۽ اجرڪون پهرايون، ان موقعي تي مخدوم محبوب الزمان جي پي اي مير مسرت جعفري پير مولابخش ڪالوني جي رهواسين جي پاران سندس ڪيل والهانا استقبال تي سندن ٿورو مڃيندي چيو ته پير مولابخش ڪالوني جي رهواسين کي سندن زندگي گذارڻ جا سمورا حق ڏياريا ويندا، هن چيو ته علائقي ۾ رهيل ڪجهه گهٽين، نالين سميت هتي بجلي جا ٻه وڌيڪ ٽرانسفارمر پڻ جلد هڻائي ڏنا ويندا. ان موقعي تي هن صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جي پاران وڊيو ڪال ذريعي پيرمولابخش ڪالوني جي عوام سان مخاطب ڪرايو، مخدوم محبوب الزمان وارڊ 15 جي عوام سان واعدو ڪندي سندس رهيل ڪم جلد پورا ڪري ڏيارڻ جو واعدو ڪندي چيو ته پير مولابخش ڪالوني جي رهواسين همشيه ساڻن ساٿ نڀائيندي سندن ساٿ ڏنو آهي مخدوم هائوس هر وقت ساڻن گڏ رهندي سندن مسئلا حل ڪندو رهندو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي