Online News Room
News From Sindh

August 13, 2020. 01:49:11

تازا ترين

سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ سپلا ڪراچي ريجن پاران سنڌي آفيسرن کي شهر بدر ڪرڻ مطالبو رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچرار ايسوسئيشن (سپلا) ڪراچي ريجن جي هڪ اهم گڏجاڻي ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪولس جي آفيس ۾ ٿي. جنهن ۾ لساني سوچ  رکندڙ ڪاليجي استادن جي هڪ گروپ به شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ تازو ترقي ماڻيندڙ سنڌي اسسٽنٽ پروفيسرن کي ڪراچي جي ڪاليجن ۾ مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي سخت احتجاج ڪندي سيڪريٽري ڪاليجز کان انهن استادن کي فوري طور تي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلي جي روشني ۾ سپلا ڪراچي ريجن جي وفد ڪالهه سيڪريٽري ڪاليجز سان ملاقات ڪري کيس اهڙن سنڌي استادن جي فهرست پيش ڪندي مطالبو ڪيو ته انهن کي ٻين ضلعن ۾ مقرر ڪيو وڃي. جنهن تي سيڪريٽري ڪاليجز سندن مطالبو رد ڪندي ترقي ماڻي مقرر ڪيل ڪنهن به اسسٽنٽ پروفيسر کي ڪراچي بدر ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ذريعن موجب سيڪريٽري ڪاليجز موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪاليجي استاد جي پوسٽنگ ۾ ڪا غلطي ٿي آهي ته هو پنهنجي پرنسپل ۽ واسطيدار ريجنل ڊائريڪٽر وسيلي ان ۾ درستگي ڪرائي سگهي ٿو پر ڪنهن ٻئي کي اهو اختيار نه ٿو ڏئي سگهجي ته هو  استادن کي هڪ ڪاليج مان ٻئي ڪاليج ۾ بدلي ڪرڻ جو مطالبو ڪري. واضح رهي ته سپلا ڊائريڪٽر ڪاليجز سنڌ سينارٽي بدران لساني بنيادن تي ڪراچي مان مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪي آهي. ٻئي پاسي سپلا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر شاهجهان پنهور سپلا ڪراچي ريجن جي بيان کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سپلا هميشه لساني تعصب کان بالاتر ٿي ڪم ڪيو آهي. سپلا سرڪاري آفيسرن جون ڪرسيون بچائڻ يا ورهائڻ ۾ يقين نه ٿي رکي پر سپلا استادن  جي مطالبن جي مڃتا لاء جدوجهد ۾ يقين رکي ٿي.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي