Online News Room
News From Sindh

August 13, 2020. 01:08:53

تازا ترين

سپلا ڪراچي ريجن جي لساني فرمائش، سنڌي کي هٽائي اردو ڳالهائيندڙ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز لڳائڻ جو مطالبو

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) سنڌ پروفيسر ۽ ليڪچرار ايسوسئيشن جي ڪراچي ريجن جي هڪ وفد سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن سان ملاقات ڪري موجوده سنڌي ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ڊاڪٽر عبدالحميد چنڙ کي هٽائي اردو ڳالهائيندڙ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن تي سيڪريٽري ڪاليجز ان مطالبي کي سختي سان رد ڪندي چيو ته ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز جي پوسٽ صوبائي ليول جي آهي ۽ ان تي سينيئر پروفيسر کي مقرر ڪيو ويندو آهي. اهو اختيار سنڌ حڪومت کي حاصل آهي ته حڪومت سينارٽي ۽ فٽنيس جي بنياد تي ڪنهن کي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪري.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي