Online News Room
News From Sindh

July 9, 2020. 08:47:04

تازا ترين

واهي پانڌي ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن جو بااثر وڏيري ۽ ڀان پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

واهي پانڌي(رپورٽ: عبدالله لاشاري) ٽيڪسي ڊرائيورن جو  بااثر وڏيري ذوالفقار جمالي جي ڏاڍ ۽ ڀان پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب واهي پانڌي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. مظاهرين رزاق جمالي، زاهد برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بااثر وڏيري ۽ ڀان پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته بااثر وڏيري ذولفقار جمالي اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي، اسان جي گهرن تي گهڙي اسان کي کنڀي وئي آ، جڏهن ته ڀان پوليس بااثر وڏيري جي ونگار وهندي اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، جئين ته هي ڀان پوليس جي حد به ناهي، ته پوءِ ڀان پوليس کي ڪهڙو اختيار آ جو ٻين جي حد ۾ وڃي بااثر وڏيري جي ونگار وهندي اسان جي گهرن تي ڪاروائي ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، هنن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀان پوليس جي زيادتين خلاف نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي