Online News Room
News From Sindh

July 9, 2020. 10:29:59

تازا ترين

ڪورونا تعليم کي تباه ڪري ڇڏيو آهي، دنيا ۾ 10 ڇوڪريون اسڪول ڇڏي ڏينديون:مٺي ۾ تقريب

مٺي (رپورٽ : بي ايل چانداڻي ) ڪرونا وبا سبب هڪ رپورٽ مطابق دنيا مان 10 لک ڇوڪريون اسڪول ڇڏي وينديون.ڪرونا جي ڪري تعليم تي ئي وڌيڪ اثر پيو آھي،حڪومتي پاليسي اڃان واضع ناهي.اهڙو اظھار ٿر ايڊيوڪيشن الائنس جي چيف ايگزيڪيٽو پرتاب شيواڻي ڪرونا جا تعليم تي اثر جي عنوان سان رضارڪارن سان گڏجاڻي ۾ مٺي ۾ ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته ڪرونا جي ڪري تعليم سخت متاثر ٿي آهي ، امتحانن کان نئين داخلا تائين  ۽ سڀ کان وڌيڪ ڇوڪرين جي تعليم سخت متاثر ٿي آهي ، هڪ جائزه رپورٽ مطابق ڪرونا سبب سموري دنيا مان 10 لک ڇوڪريون تعليم ڇڏي اسڪول کان نڪري وينديون. ڪرونا کان پوءِ والدين کي هاڻي وڌيڪ ذميواري آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي تعليم کان اڳ ۽ پوءِ جي حالتن کي منهن ڏيندي پنهنجي ٻارن کي تعليمَ ڏيارين.سرڪار جو هن وقت تائين تعليم لاءِ ڪوبه واضح منصوبو ناهي ،ٻيا ڪاروبار کليل آهن پر اسڪول اڃان تائين بند آهن. هن چيو ته  اسان جي نوجوانن کي ڏکيائين باوجود  آن لائن تعليم پڻ وٺڻي آهي ، هن وقت سائنس ۽ رياضي جي تعليم پڻ لازمي ٿي چڪي آهي ، هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ استادن جي گهٽتائي آهي ، تعليم کاتي موجب 1050 استاد رٽائر ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي تعليم جي رضاڪارن امتياز نور ، نندلال شرما ، سارنگ رام ، علي مراد درس چيو ته ٿر ۾ هزارين خاندانن جو روزگار متاثر ٿي چڪو آهي،معاشي حالتن تي اثر بعد تعليم تي به اثر پوندي. سنڌ حڪومت  ايس او پي تحت  ٿوري تعداد ۾ شفٽ وائيز ٻارڙن کي گهرائي اسڪول کولائي سگهي ٿي.هن وقت تعليم تمام گهڻو متاثر ٿيل آهي.ٿر ۾ شاگردن لاءِ آن لائين  ڪلاس وٺڻ ڏکيو آهي حڪومت کي شاگردن کي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن ته جيئن هر ٻار تعليم جو بنيادي حق حاصل ڪري سگهي.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي