Online News Room
News From Sindh

July 9, 2020. 09:18:17

تازا ترين

ميرپورخاص ۾ فصل جي بچت جا پئسا گھرڻ تي بااثر زميندار هاري کي بيدخل ڪري ڇڏيو، متاثر جو ٻارڙن سان گڏ ڌرڻو

ميرپورخاص (رپورٽ: شاھد ميمڻ)  فصل جي بچت جا پئسا گھرڻ تي بااثر زميندار مڇرجي زمين تان بي دخل ڪرڻ بعد ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ جھڳيان جي رھواسي ھاري پونيو ڀيل عورتن ٻارن سميت بااثر زميندار جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي متاثر ھاري پونيو ڀيل صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته زميندار مظفر جٽ وٽ گذريل 05 سالن کان ھارپو ڪندو آھيان جتي منھجي حصي جي بچت 05 لک روپيه ٿي جيڪا گھرڻ تي بااثر زميندار مڇرجي پيو زوري زمين تان بي دخل ڪرڻ بعد چوپايو مال پڻ ڪاھي ويو ھاڻي ڪٿي دانھڻ جي صورت ۾ ڳوٺ مان لڏائڻ، گھرن کي باھ ڏئي ساڙڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي خوف سبب اسان سخت پريشان آھيون ھنن چيو ته بااثر زميندار مون مسڪين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي ھاري چيو ته حد جي پوليس به بااثر زميندار سان ملي ڀڳت ھجڻ ڪري آئون انصاف لاءِ دربدر بڻيل آھيان متاثر ھاري چيف جسٽس آف ھائي ڪورٽ،آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ،ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر زميندار جي زيادتين مان نجات ڏياري ۽ فصل جي بچت جا پئسا ڏياري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي