Online News Room
News From Sindh

July 14, 2020. 19:13:20

تازا ترين

ٿرپارڪر ضلعي ڪائونسل سال 21-2020ع لاءِ 39 ڪروڙ 36 لک 28 هزار 79 رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

مٺي(رپورٽ: بي ايل چنداڻي) ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر جو اجلاس ضلع چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو جي صدارت ۾ ٿيو جنهن سال21-2020 جي  39 ڪروڙ 36 لک 28 هزار 79 رپين جي آمدني واري بجيٽ پيش ڪئي وئي جنهن ٽوٽل خرچ جو ڪاٿو 39 ڪروڙ 36 لک 2 هزار 876 رپيه لڳايو ويو بجيٽ ۾ پگهار جي مد ۾ 8 ڪروڙ 96 لک 79هزار 876 رپيه، چيئرمين ۽ وائس چيئرمين ميمبر ۽ ملازم جي لاءِ اعزازيه 5 لک رپيه،چيئرمين وائس چيئرمين آفيسر ۽ اسٽاف جي لاءِ ميڊيڪل چارجز 5 لک،پينشن جي مد ۾ خرچ 2 ڪروڙ،نوڪري دوران ملازم جي فوت ٿيڻ تي مالي سهائتا لاءِ 20 لک رپيه،گريجوئٽي رٽائر ملازمن جي ۽ ليو انڪيشمينٽ 60 لک رپيه،ميمبرن جي ٽي اي ڊي اي لاءِ 5 لک رپيه،ضلع ڪائونسل جي اسپتالن جي دوائن لاءِ 50هزار،آفيس جي نئين بلڊنگ جي فرنيچر جرنيٽر خرچ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيه،سيمينار ميٽنگ ۽ ورڪشاپ لاءِ 2 لک،گاڏي مرمت،تيل،لائٽ بل،ٽيليفون بل ۽ اشتهيارن جي مد ۾ 15 لک رپيه،ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 26 ڪروڙ 2 لک 46 هزار،قدرتي آفتن تي 5 لک 50 هزار،چارج ايڪسپينڊيچر گورمينٽ خرچ جي لاءِ 2 لک 80 هزار رپيه،پريس ڪلب،بار،مدرسن،مندرن،غريبن جي سهائتا جي لاءِ گرانٽس جي مد ۾ 11 لک رپيه رکيا ويا جڏھن ته هي بجيٽ 22203 جي بچت واري بجيٽ هئي. اهڙي بجيٽ سمورن ميمبرن جي طرفان متفق طور منظور ڪئي.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي