Online News Room
News From Sindh

July 14, 2020. 17:21:56

تازا ترين

واهي پانڌي: ڪاڇي جي شهر ٽنڊو رحيم خان جي رهواسين جو گئس ۽ ٻين سهولتن لاءِ ڌرڻو

واهي پانڌي(رپورٽ: عبدالله لاشاري) واهي پانڌي ويجهو ڪاڇي جي شهر ٽنڊو رحيم خان ۾ گئس ڪڍندڙ پولش ڪمپني پاران شهر ۽ آس پاس جي ڳوٺن کي گئس ۽ ٻيون سهولتون نه ڏيڻ خلاف امين جمالي، جاڳڻ شاهاڻي ۽ احسان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پولش ڪمپني انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پرڏيهي ڪمپني اسان جي علائقي جي ڀر سان کيرٿر جبل مان گئس ڪڍي ٻين شهرن کي سپلا ڪري رهي آهي پر اسان مقامي ماڻهو اڄ به ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري رڌ پچاء ڪيون ٿا، ڪاٺيون ۽ ڇيڻن مان اٿندڙ دونهي سبب اسان جون عورتون اکين جي نور کان محروم ٿي ويون آهن پر پرڏيهي ڪمپني گئس جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي سپريم ڪورٽ جي واضع حڪمن باوجود گئس ڪمپني پنهنجي هوڏ تي قائم آهن .ڪمپني پاران بلوچستان ۽ دادو ضلعي جي وڏيرن تي مهربان آهي جن جي اڪائونٽ ۾  هر مهيني ڪروڙين رپيا  موڪليا وڃن ٿا پر مقامي ماڻهو چوڪيداري ۽ پٽيوالي جي نوڪري کان به محروم بڻيل آهن، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ ۽ وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ پرڏيهي ڪمپني جي اهڙي ناانصافي جو نوٽيس وٺي اسان کي گئس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪمپني جي رستا روڪ ڪنداسين.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي