Online News Room
News From Sindh

September 18, 2020. 21:49:22

گسٽا ليڊيز ونگ حيدرآباد سٽي پاران ادر ڪيڊر استادن جي پگهارن لاءِ ڀرپور جدوجهد جو اعلان

حيدرآباد (آن لائين نيوز روم) گسٽا ليڊيز ونگ حيدرآباد پاران ادر ڪيڊر استادن جي پگهارن لاءِ ڀرپور جدوجهد هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گسٽا حيدرآباد جي نائب صدر فهميده راڄڙ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ادر ڪيڊر استاد کي پگهارون ڏيارڻ لاءِ تنظيم جي مرڪزي سڏ تي ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي. هن چيو ته مرڪزي صدر حاجي اشرف خاصخيلي جي هدايت تي 27 جون تي سوشل ميڊيا تي ادر ڪيڊر 2012ع جي استادن کي پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ ڀرپور مهم هلائي ويندي، ان سلسلي ۾ گسٽا حيدرآباد سٽي سموريون تياريون ڪري ورتيون آهن.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي