Online News Room
News From Sindh

July 9, 2020. 10:46:42

تازا ترين

واهي پانڌي ۾ جمالي برادري جي عورتن جو پوليس جي زيادتين خلاف ڌرڻو، روڊ بلاڪ

واهي پانڌي(رپورٽ: عبدالله لاشاري) واهي پانڌي ويجهو ڳوٺ پريو جمالي جي رهواسي عورتن نسيمه جمالي، نجمه جمالي ۽ ارباب خاتون جي اڳواڻي ۾ واهي جوهي روڊ بلاڪ ڪري ڀان پوليس، پوليس  ۽ بااثر ذولفقار جمالي  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي هنن دانهيو ته ڀان پوليس . واهي پانڌي پوليس بااثر شخص ذولفقار جمالي جي ونگار وهندي اسان جي 12 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ۽ گهرن تي چڙهائي ڪري انهن کي کنڀي کڻي وئي . جن  کي ڪورٽ ۾ پيش نه ٿو ڪيو وڃي جيڪا سراسر زيادتي ۽ ناانصافي آهي .هنن ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته  اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي