Online News Room
News From Sindh

July 14, 2020. 17:15:27

تازا ترين

واهي پانڌي شهر ۽ ڳوٺن کي پيئن جو پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر سپلاءَ اسڪيم 4 ڏينهن کان خراب پيل

واهي پانڌي(رپورٽ: عبدالله لاشاري) واهي پانڌي شهر سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن کي پيئن جو صاف پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر سپلاءَ اسڪيم گذريل 4 ڏينهن کان خراب  پيل آهي، ڳوٺ عرس لغاري ۾ واقيه واهي پانڌي شهر جو مين واٽر سپلاءَ اسڪيم گذريل چار ڏينهن کان ناڪاره بڻيل، شهر سميت ڀرپاسي جي محلن لغاري، محلا مستوئي، محلا ٿهيم، محلا سومرا، محلا حاصخيلي، محلا، ڪمواڻي محلا، سميت ٻين محلن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندڙ مين واٽر سپلاءَ اسڪيم جو گذريل چار ڏينهن کان فني خرابي سبب معطل آهي، شهر جي عوام پاڻي جي ڦڙي لاءِ  تڙپڻ لڳي، انتظاميه هينئر تائين ڪا  به واهر نه ڪئي، رهواسين اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي کان مطالبو ڪيو آهي ته واٽرسپلاءَ اسڪيم کي جلد کان جلد بحال ڪري اسان جي بيچيني دور ڪئي وڃي.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي