حيدرآباد (آن لائين نيوز روم) حيدر آباد جي قاسم آباد ٿاڻي جي حد ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آهن ۽ شهري غير محفوظ بڻيل آهن جڏهن ته قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس ڪرونا جي ڊيوٽين جو جواز ڄاڻائيندي لوائڻ لڳي گذريل رات صحافي شبير ابڙو جي سئوٽ رضا محمد ابڙو جي وحدت ڪالوني لعل ڪواٽر ٻاهران قاسم آباد ٿاڻي سان گڏو گڏ آفيس ۾ بيٺل ڪرولا ڪار ماڊل 8 نمبر AQZ-759 نا معلوم چور ڪاهي فرار ٿئي ويا اطلاع بعد قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس ڪرونا جي ڊيوٽي جو جواز ڄاڻائي لنوائيندي رهي ۽ ڪا به ڪاروائي نه ڪئي ياد رهي ته هڪ هفتي دوران قاسم آباد مان علي رضا نالي نوجوان کان ڏينهن ڏٺي جو واڌو واه تان بينڪ ٻاهران ساڍا پنج لک رپيا ڦر ۽ شيدي ڲوٺ مان ميڊيڪل اسٽور تان نامعلوم چور فيض محمد جي موٽر سائيڪل به اڏاري ويا ۽ قاسم آباد جي مختلف هنڌن تان موٽر سائيڪلن جي چورين سميت ڪيتريون ئي وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن جڏهن ته چوري ٿئي ويل ڪار جي مالڪ رضا محمد ابڙو صحافين آڏو دانهيدي ٻڌايو ته آئون غريب مسڪين آهيان ۽ ٽيڪسي هلائي گهر جو گذر سفر ڪندو آهيان ان ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ٻين اعلا عملدارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي چوري ٿيل ڪار واپس ڪرائي ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ آئون ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.