Online News Room
News From Sindh

September 18, 2020. 11:47:41

هالا ۾ شهري تنظيمن پاران مرحوم حاجي قادر بخش ميمڻ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد

هالا  (نمائندو آن لائين نيوز روم)  هالا جي شهري تنظيمن پاران مرحوم حاجي قادر بخش ميمڻ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ هالا، هالا پراڻا سميت ٻين علائقن جي رهندڙ معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي فنڪشنل اڳواڻ نصيراحمد ميمڻ، ڪامريڊ عبدالرشيد ڏيٿو،سردار اياز ميمڻ، منصور احمد ڀينهون سميت ٻين معززين مرحوم قادربچش ميمڻ جي وڇوڙي تي کيس ڀيٽا ڏيندي چيو ته ھالا ۽ ھالا پراڻا شھرجو علمي، ادبي شخصيت رھيو آھي، جن پنھنجي سڄي زندگي علائقي  جي عوام جي خدمت ڪندي گذاري.ھالا ۽ ھالا پراڻا شھر جي ترقي ۽ انساني خدمتن ۾ ميمڻ برادري جو هميشہ وڏو رول رهيو آهي.جن پنھنجي سڄي زندگي عوام جي خدمت ڪري ھالا ۽ ھالا پراڻا جو نالو روشن ڪيو آھي. ميمڻ برادري جي شخصيتن مان سيٺ حاجي قادربخش ميمڻ بہ ھڪ عظيم شخصيت جو مالڪ هوندي هن هميشه علائقي جي غريبن، مسڪينن جو همدرد ۽ هميشہ بيواهه، ۽ يتيم ماڻھن جي مدد ڪندو رهندو ھو.زيٺ قادربخش صوم و صلوات جو پابند ھو،  سڄي زندگي عوام جي خدمت ڪندي گذاريائين خلق جي خدمت کي عبادت سمجھندو ھو غريبن جي حقن حاصلات لاء سياست کي عبادت سمجھندي ھو سدائين حق سچ جو آواز بلند ڪندو  رهندو ھو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي