Online News Room
News From Sindh

September 18, 2020. 13:30:14

واهي پانڌي ڊگري ڪاليج جو ڏهن سالن کان ڪم بند پيل، شهرين جو مظاهرو

واهي پانڌي(رپورٽ: عبدالله لاشاري) واهي پانڌي شهر جو ڊگري ڪاليج ڏهن سالن کان اڌورو پيل، ناقص مٽيريل جو استعمال، شهرين جو احتجاجي مظاهروڪيو ويو، مظاهرين لياقت رستماڻي، نورحسين رستماڻي، منٺار رستماڻي، فلڪ بلوچ جي اڳواڻي ۾ گورک چونڪ تي ٽائر ساڙي مظاهرو ڪيو، واهي پانڌي شهر جو ڊگري ڪاليج گذريل ڏهن کان وٺي مڪمل نه ٿي سگهيو هي ڪاليج پير مظهرالحق جي دور ۾ منظور ٿيو هيو، پر بدقسمتي سان هينئر ڏه سال گذرڻ باوجود نه ٺهي سگهيو، واهي پانڌي شهر  سميت ڪاڇي جي ٻين ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن ۽  ڳوٺن جا شاگرد ڪاليج جي سهولت نه هجڻ ڪري سوين ڪلوميٽر پنڌ ڪري جوهي ۽ دادو جي ڪاليجن ۾ داخلا وٺي پڙهائي ڪندا آهن، ۽ واهي پانڌي شهر جي هاءِ اسڪول ۾ ٻن ڪمرن تي عارضي طور تي ڏيکاريل ڪاليج به صرف ڪاغذن تي هلندڙ، ٻئي پاسي ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري هن ڪاليج جي اڌوري بلڊنگ تي ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو آهي، ڪاليج جي بلڊنگ ٺهڻ کان اڳ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي، ناقص مٽيريل جي استعمال جي ڪري ڪاليج جي بلڊنگ کي تمام گهڻو نقصان رسايو ويو آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي