Online News Room
News From Sindh

August 13, 2020. 02:31:29

تازا ترين

واهي پانڌي ۾ جمعي جي ڏينهن لڳندڙ مال پڙي بند نه ٿي، ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو خطرو

واھي پانڌي(رپورٽ: عبدالله لاشاري) واهي پانڌي شهر ۾ جمعي جي ڏينهن لڳندڙ مال پڙي بند نه ٿي سگھي،  ڊي سي دادو ۽ ٻين اعلي عملدارن جي حڪم باوجود پوليس مال پڙي بند ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا آهن. شھر اندر لڳندڙ پڙي واھي جوھي مين روڊ تي لڳل روز معمول تي ھلندڙ ٽريفڪ پڻ جام ڪري ٿي واھي پانڌي پوليس ڪجھ ڏيو ۽ وٺو جي بنياد تي شھر ٻاھر لڳل مال پڙي ھلڻ لڳي، پڙي ۾ ٻاھريان واپاري مال سميت اچن ٿا جنھن سان ڀرپاسي جي ڳوٺ ۾ ڪورونا جي ڦھلجڻ جا وڌيڪ خدشا آھن، ڊي سي دادو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي پڙي کي بند ڪرائي ڳوٺاڻن کي بي چيني کان بچائن.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي