Online News Room
News From Sindh

July 14, 2020. 16:58:37

تازا ترين

واهي پانڌي ۾ ڳوٺاڻن جو پي ٽي آئي اڳواڻ رياض چانڊيو جي زيادتين خلاف احتجاج

واهي پانڌي(رپورٽ: عبدالله لاشاري) واهي پانڌي ويجهو ڪاڇي جي ڳوٺ بهليل شاھ جي رهواسين  امين برهماڻي  ۽ نينگر  منٺار برهماڻي  واهي پانڌي پريس ڪلب  پهچي صحافين آڏو  احتجاج ڪندي دانهيو ته   گذريل ڏينهن  اسان جي ڳوٺ جا ننڍا ڇوڪرا راند دوران  پاڻ ۾ وڙهيا هيا، جنهن بعد پي ٽي آء جي اڳواڻ رياض چانڊئي جي ڀائٽي نادر چانڊيو اسان جي ڇوڪري منٺار تي سخت تشدد ڪيو  ,اسان اهڙي دانهن هن جي وڏن کي پڻ ڏني،  ان کانپوءِ رياض چانڊيو پنهنجي پٽ سان  بدفعلي جو ڊرامو رچائي اسان کي ڦاسائڻ چاهيو . ٿاڻي جي 4 معصوم ۽ نابالغ ٻارڙن خلاف رپورٽ داخل ڪئي، اسان کي ٿاڻي تي ڇڪرايو . هن وقت به اسان کي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تر بي بنياد الزام هڻي اسان کي بدنام ڪرڻ جي  ڪوشش ڪري رهيو آهي .هنن ايس ايس دادو کان مطالبو ڪندي گهر  ڪئي ته اسان عزتدار ڳوٺائڻ کي بلا جواز بدنام ڪندڙ بااثر شخص رياض چانڊيو  خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي