Online News Room
News From Sindh

January 25, 2021. 13:29:26

پٿريلي زمين جي ضلعي ڄامشورو جي غريب ۽ پورهيت طبقي لاءِ گيانچند ايسراڻي مسيحا بڻجي ويو

ٿاڻوبولاخان ( آن لائن نيوز روم  ) سڄي دنيا جيان ملڪ ۽ سنڌ ۾ موذي مرض ڪرونا وائرس جي وبا پکڙجڻ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال کانپوءِ جتي سڄي سنڌ جو غريب پورھيت طبقو تمام گھڻي مشڪلاتن جو شڪار ٿي پريشان ٿي ويو آھي اتي پٿريلي زمين تي مشتمل ڄامشوري ضلعي جو تعلقو ٿاڻوبولاخان جتي غريب پورھيت بي پھچ ماڻھو تمام گھڻو متاثر ٿيو آھي اھڙي صورتحال ۾ تڪ جو چونڊيل پ پ ايم پي اي گيانچند ايسراڻي ۽ سندس فيملي طرفان   پنج ھزار پنج سو خاندانن ۾ راشن تقسيم ڪرڻ سان گڏ ڪرونا وائرس کان بچا لا 5000 سينيٽرائيزر جو بوتلون ڏنيون ويون آھن ان سلسلي ۾ صحافين   سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي پي ايس 81 ڄامشورو تان چونڊيل پ پ ايم پي اي گيانچند ايسراڻي چيو ته ڪرونا وائرس ھڪ اھڙي خطرناڪ وبا آھي جيڪا سڄي دنيا ۾ پکڙجي چڪي آھي ڪرونا جي  پکيڙ کانپوء غريب پورھيت ماڻھو تمام گھڻو متاثر،ٿيو ھن چيو ته ڪوھستان ٿاڻوبولاخان تعلقو جتي تمام گھڻي غربت آھي ھن چيو ته ٿاڻوبولاخان تعلقي جي  احساس ڪفالت جي سينٽرن تي ڏورانھين علائقن کان آيل مستحق عورتن لا برياني جو بندوبست ڪيوسين ماڻھن جي گھرن تائين تيار ٿيل کاڌو پھچائڻ جو بندوبست ڪيو ويو ھن ٻڌايو ته رمضان المبارڪ دوران ٿاڻي بولاخان تعلقي جي مختلف ڳوٺن مسجدن ۾ ٽيھ ھزار افطاري جا پيڪٽ پھچايا ويا ھن چيو ته ھي وقت سياست جو نه آھي خدمت آھي تڪ جي ھزارين خاندانن ۾ ذاتي طور راشن پھچايو ويو ھن چيو ته عوام جي خدمت کي پنھنجو فرض سمجھان ٿو مشڪل وقت ۾ وس آھر ساڻن گڏ آھيون جيڪو پھچي رھيا آھيون خدمت ڪري آھيان ڪرونا وائرس ھڪ خطرناڪ وبا آھي ماڻھو وڌ کان وڌ احتياط ڪن

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي