Online News Room
News From Sindh

September 18, 2020. 12:42:01

مٺي ۾ بااثرن غير قانوني وڻ وڍي گس رستا بند ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا، ماروئڙن جو احتجاجي مظاهرو

مٺي(آن لائين نيوز روم)    مٺي ۾ غير قانوني وڻ وڍي  گس رستا بند ڪري هٿيارن جي زور  تي قبضا ڪرڻ خلاف ڳوٺ ٽاهو جي ڳوٺاڻن جو احتجاج ڪندي هرهڪ  ڳوٺاڻن  اڳوڻي ڪائونسلر والهجي ڀيل ، دڪاندار تگجي ڀيل ،  چوپايو مال جي واپاري ڪانجي ڀيل ، واگهو ٺڪر ۽ ٻين ڳوٺاڻن   احتجاج ڪندي  الزام هنيو آھي ته اسان جي کوھ،  ِٻني ،  ترائي ، مال جي وٿاڻ ، بيبين جي آهستان  جا سمورا لنگھ  ۽ مين رستي ناٿڙو ۽ نيٻي جي ويري جي موڙ مٿي سرڪاري  گئوچر واري زمين  تي پنهنجي گهرن کان پري ڪلو ميٽر پري  اچي  وياج جي واپارين ۽  چوپايو مال جي چورن ڏوهاري قسم جي ماڻھن  هرهڪ پارو هالو ، ٻڌو هالو ، اميدو هالو ، موڙجي هالو ، همير هالو ، دودو اميدو ، اشوڪ پارو ،جمعون هالو ۽ ٻين گڏجي  هڪ سياسي وڏيري جي چرچ تي  زبردستي راج ڀاڳ جي سمورن ڳوٺاڻن جي منع باوجود  قبضو ڪري دڪان ٺاهي رهيا آھن اسان  جي منع ڪرڻ تي  ۽ قبضا ختم ڪرڻ جو چيو ته هو الٽو ئي  اسان کي چون ٿا ته توهان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائينداسين  ۽ اسان کي تنگ ڪرڻ لاءَ هو جهن پوليس وٽ به درخواستون ڪري اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي هنن ڊي سي ٿرپارڪر ، ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ وس وارن اختيارين کان پرزور اپيل ڪندي چيو ته معاملي جي انڪوائري ڪري  ڳوٺاڻن جا بند پيل رستا کولرائي ناجائز ڪيل قبضا ختم ڪرايا وڃن  ۽ اسان سموري ڳوٺ جي ڳوٺاڻن سان  انصاف   تحفظ فراهم ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي